سرتاج لڪياري

سرتاج لڪياري

سرتاج لڪياري

سرتاج لڪياري: سيد حسين شاهه ولد سيد ڇُٽل شاهه، 2 جنوري 1940ع تي ڳوٺ دين محمد شاهاڻي، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سرتاج لڪياريءَ جي نالي سان ادبي دنيا ۾ ڄاتو وڃي ٿو. پاڻ سنڌي پنج درجا پرائمري اسڪول دين محمد شاهاڻيءَ ۾ پڙهيو، مئٽرڪ پرمانند هرداس هاءِ اسڪول ۽ انٽر گورنمينٽ ڪاليج (هاڻوڪي استاد بخاري ڪاليج) دادوءَ مان ڪرڻ بعد ايم. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۽ تاريخ جي مضمون ۾ ايم. اي ڪيائين، 1972ع ۾ هو ڦلجي هاءِ اسڪول جو استاد مقرر ٿيو ۽ اتي 1989ع ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو. سندس گهڻو لاڙو راڳ رنگ ۽ ڊرامن سان رهيو، ڪجهه عرصو شاعري به ڪيائين. ڊرامن ۾ سندس مرڪز پراڻي ديري جو مشهور ڳوٺ هو، جتي ’سرتاج ڊراميٽڪ سوسائٽي‘ قائم ڪري ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيائين. سندس ساٿين ۾ استاد بخاري، الهنواز رڪڻائي، دين محمد عباسي، حاڪم علي شاهه بخاري هوندا هئا. پاڻ ڊراما لکندو ۽ استاد بخاريءَ کانپوءِ حاڪم علي شاهه ’هيرو‘ طور ڪردار ادا ڪندو هو. 1965ع کان 1980ع جي عرصي تائين هن 20 کان مٿي ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾ هو ميزبان هوندو هو. ستن اٺن ڏينهن تائين آيل سڀني مهمانن کي ٽيئي ويلا ماني کارائيندو ۽ فنڪارن جي دل سان خدمت ڪندو هو.
سرتاج لڪياريءَ جو تعليم ڏانهن ڌيان گهڻو هو، جو پهريائين پنهنجي هڙان وڙان 1962ع ۾ ’حامد مڊل اسڪول‘ پياري ڳوٺ ۾ قائم ڪيائين، ان کي 1970ع تائين هلائڻ کانپوءِ سرڪار جي حوالي ڪيائين. سڀني شاگردن جي مدد ڪندو هو.
سندس لکيل ڪيترن ڊرامن ۾ منظور سخيراڻي هيروئن طور حصو ورتو ۽ حاڪم علي شاهه بخاري هيري طور ڪم ڪندو هو. ڪجهه وقت طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو. پاڻ بيحد عاشق مزاج ۽ صوفي منش ماڻهو هو. آخري وقت ۾ رٽائر ٿي پيرين اگهاڙي گهمندو هو. هڪ نثر جو ڪتاب به قلمي صورت ۾ موجود اٿس. سرتاج لڪياري، 4 آگسٽ 1992ع تي وفات ڪري ويو. سندس ياد ۾ هر سال 4 آگسٽ تي ورسي ملهائي ويندي آهي. سنڌ سرڪار کيس 2010ع ۾ لائيف اچيومينٽ اوارڊ ڏنو آهي.


لفظ سرتاج لڪياريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.01.02  عيسوي

سيد حسين شاهه ولد سيد ڇُٽل شاهه، 2 جنوري 1940ع تي ڳوٺ دين محمد شاهاڻي، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


1992.08.04  عيسوي

سرتاج لڪياري، 4 آگسٽ 1992ع تي وفات ڪري ويو. سندس ياد ۾ هر سال 4 آگسٽ تي ورسي ملهائي ويندي آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاهه
شاهه محمد صوفي
الهبچايو لاسي
رئيس ولي محمد خان
مرليڌر جيٽلي ڊاڪٽر
چانڊيو شهمير خان
طلعت حسين
ڀائي خان
ڀاسڪر آچاريه
انيتا شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون